سيڪيورٽي فورسز جون ڪي پي ٻه مختلف ڪارروائيون،13 خارجي ماريا ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين دوران 13 خارجي مارجي ويا.
پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي علائقن باڙا ۽ بنون ۾ اهم ڪارروائيون ڪيون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته باڙا ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪيل آپريشن دوران 10 خارجي ماريا ويا، جڏهن ته بنون ۾ هڪ ٻي ڪارروائي دوران 3 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي مان خارجين جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ