ٺٽو،6 ٻارڙا سنڌو دريا ۾ وهنجندي ٻڏي فوت،ڪهرام متل

ٺٽو(عبدالوحید سومرو (جهرڪ ويجهو ڪارو کئو جي ڪچي واري علائقي لڳ افسوسناڪ واقعو, ڳوٺ سبز علي ڇُٽو جا رهواسي 6 معصوم ٻارڙا سنڌو درياءُ ۾ وهنجندي ٻڏي ويا چوڏس ڪھرام متل خبر موجب جھرڪ ويجھو ڳوٺ ڪارو کئو جي پنهور برادري جا 6 معصوم ٻارڙا وهنجندي اونهي پاڻي ۾ ٻڏي ويا جن مان ٻن ٻارڙن کي بچايو ويو جڏھن تہ 4 معصوم ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا ٻڏي فوت ٿيل ٻارڙن ۾ 13 ورهين جو اعجاز علي پنهور, 11 ورهين جي ساجده, 10 ورهين جي ڪشميره ۽ 9 ورهين جو قربان علي پنهور شامل ٻن ٻارڙين عذره ۽ پرويزان کي مقامي ڳوٺاڻن بچائي ورتو کين زخمي حالت ۾ اسپتال روانو ڪيو ويو يوسي صوف شورو جي ڪچي واري علائقي ڪارو کئو جي ڳوٺ سبز علي ڇٽو ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي ۾ چئن معصوم ٻارڙن جي ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي سبب ڳوٺ ۾ ڪهرام متل آھي لاش ڳوٺاڻن ڪڍائي گهرن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو جھرڪ ۽ آسپاس جي فضا سوگوار آھي

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ