هرمز بند رهندو، آمريڪي اڏا بند ٿيڻ تائين حملا جاري رهندا، خامنائي جو پهريون خطاب

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي پنهنجي پهرين قوم کي سرڪاري ٽي وي ذريعي ڪيل خطاب ۾ چيو آهي ته اسين دوستي ۾ يقين رکون ٿا پر آمريڪي اڏن تي حملا جاري رکبا، جيسين آمريڪي اڏا بند نه ٿيندا انهن تي حملا جاري رکيا ويندا، ايران کي پاڙيسري ملڪن سان تعلقات بهتر ڪرڻ گهرجي، آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا جاري آهن، کين ڀرپور جواب ڏينداسين، 7 هزارايراني شهرين جا گهر تباهه ٿيا آهن، جنهن جي به ملڪيت کي نقصان پهتو آهي، انهن حڪومت معاوضو ڏيندي. خامنائي چيو ته يمن ۽ عراق ۾ ڪجهه گروپ اسانجي مدد ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هو پنهنجو ڪم ڪندا. هن ملڪي فوج جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته فوج ملڪ کي ورهائڻ کان بچايو آهي ۽ ڀرپور نموني ملڪ جو دفاع ڪري رهي آهي. مان بهادر ويڙهاڪن جو شڪر گذار آهيان ۽ اسين پنهنجي شهيدن جي خون جو بدلو وٺنداسين. خامنائي چيو ته هرمز جو لنگهه بند رهندو. هن چيو ته هو شهيد ٿيل فوجين ۽ شهرين جي پونئرن سان تعزيت ڪندي سندن پيارن لاءِ دعاڳو آهي، مونکي ميناب جي اسڪول ۾ شهيد ٿيل ٻارڙين جي واقعي تي دلي ڏک پهتو، هن قوم کي متحد رهڻ ۽ هڪٻئي جي مدد جي به صلاح ڏني. ايران واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسانجي بجلي مرڪزن تي حملا ٿيا ته پوري خطي ۾ به انڌيرو هوندو. عباس عراقچي ايڪس تي ڪيل پوسٽ م چيو آهي ته اسرائيلي حملن ۾ يونيسڪو پاران هيريٽيج سائيٽ ڊڪليئر ٿيل تي به اسرائيل حملا ڪيا آهن، يونيسڪو کي ان بابت ڳالهائڻ گهرجي. هڪ سائين 14 هين صدي جي تباهه ٿي آهي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ