ٽسوري جي تبديلي کان پوءِ حڪومت ۾ رهڻ جو جواز ناهي: ڊاڪٽر فاروق ستار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر جي تبديلي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ جي گورنر جي تبديلي واري هڪ طرفي فيصلي کان پوءِ حڪومت ۾ رهڻ جو ڪوبه جواز نه آهي.رپورٽ موجب نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي حمايتي پارٽي آهي ۽ گورنري جو آئيني عهدو ايم ڪيو ايم جو حق آهي جنهن کان محروم ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته روايت رهي آهي ته سنڌ جو گورنر ايم ڪيو ايم پاڪستان جو هوندو آهي.هن چيو ته پارٽي کي اهڙي هڪ طرفي فيصلي کان پوءِ وفاقي حڪومت ۾ رهڻ جو ڪوبه جواز نه آهي، اسان کي فوري طور تي وفاقي حڪومت کان ٻاهر اچڻ گهرجي.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اسان کي سنڌ جي گورنر جي تبديلي جي خبر ذريعن کان پئي آهي. وفاق طرفان ايم ڪيو ايم پاڪستان کي انهي فيصلي تي ڀروسو ۾ نه ورتو ويو آهي. ايم ڪيو ايم ترجمان موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان انهي فيصلي تي جلد پنهنجو لائحه عمل طئي ڪندي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ