8 فيبروري ڪال، سموري ملڪ سميت سنڌ ۾ هڙتال، شهر بند

ڪراچي (نمائندن وٽان) سموري ملڪ ۾ پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي 8 فيبروري جي چونڊن ۾ مينڊيٽ چوري خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي جنهن ملڪ جي اهم شهرن جنهن ۾ پشاور،خيبر سميت ڪي پي صوبي جا اهم شهر بند آهن،ان ئي ڏس ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جا شهر پڻ بند آهن، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جنهن سکر، خيرپور، عمرڪوٽ، ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ، ميرپورخاص، نوابشاهه، ميهڙ، دادو، گهوٽڪي سميت سنڌجي اهم شهر بند آهن ٻئي طرف ڪشمور مينڊيٽ چوري ۽ 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميم تي احتجاج، پي ٽي آءِ سميت مختلف سياسي اڳواڻن جو شهر ۾ گشت 8فيبروري 2024 تي ميڊيٽ چوري ۽ 27هين آئيني ترميم خلاف پاڪستان تحريڪِ انصاف اگوڻن ۾ ڊاڪٽر اقرار جکراڻي غلام حيدر کوسو ساجن سولنگي غلام مرتضا سومرو عطر خان مزاري ياسين کوسو عبدالواحد (پي ٽي آءِ) سميت ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن پاران ڪشمور شهر ۾ احتجاجي گشت ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي حضرت ﷲ مزاري، هدايت ﷲ جکراڻي، شاه گل ۽ ميان غلام علي ڪئي. احتجاجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شهر جي مختلف علائقن ۾ گشت ڪندي عوام کي ميڊيٽ چوري جي نقصانن ۽ 27هين آئيني ترميم خلاف آگاهي ڏني. ان موقعي تي شهر واسين مڪمل تعاون ڪندي پاڻمرادو دڪان بند ڪري احتجاج ۾ شريڪ ٿيا. شهر واسين جو چوڻ هو ته هو چورن ۽ ڪرپشن خلاف آهن ۽ اهڙين غيرقانوني ڪارروائين کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. اڳواڻن به عوام جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته گڏيل جدوجهد سان ئي ناانصافين جو خاتمو ممڪن آهي،تحريڪ تحفظ آئين جي جي سڏ تي اوٻاوڙو شهر ۾ شٽر بند هڙتال دوران اوٻاوڙو ۾ پوليس ۽ پي ٽي آ۽ ڪارڪنن ۾ جهڙپيون اوٻاوڙو شهر مڪمل طور تي پوليس کلرائي ڇڏيو ,

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ