طالبان نائن اليون کان به بدتر حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ پيش آيل دهشتگردي جي واقعي تي پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار تي عالمي اڳواڻن جا ٿورا مڃيندي دهشتگردي خلاف گڏيل عزم تي زور ڏنو آهي.
آچر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان عالمي اڳواڻن، حڪومتن ۽ ادارن پاران همدردي ۽ يڪجهتي جي اظهار تي ٿورائتو آهي، اهي پيغام ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته دهشتگردي ۽ تشدد تي ٻڌل نظرين خلاف جدوجهد گڏيل آهي.
هن چيو اسان جو موقف بلڪل واضح آهي ته ڪو به ملڪ اڪيلو دهشتگردي جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، پاڪستان ۾ ٿيندڙ واقعن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته جڏهن دهشتگرد گروهن کي ٻاهرين مدد ۽ سهولتڪاري ملي ٿي ته ان جا نتيجا معصوم شهرين کي ڀوڳڻا پون ٿا، بدقسمتي سان ڪجهه پاڙيسري ملڪ دهشتگرد عنصرن کي پنهنجي سرزمين تان پاڪستان مخالف ڪارروائين جي اجازت ڏئي ان ڏوهه ۾ شريڪ آهن، انهن ملڪن پاران دهشتگردن کي مالي مدد سان گڏ ٽيڪنيڪي ۽ عسڪري وسيلا پڻ فراهم ڪيا وڃن ٿا.
افغانستان جي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر چيو ته طالبان رجيم اهڙيون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي نائن اليون جهڙيون يا ان کان به وڌيڪ بدتر آهن، ان وقت به دهشتگرد تنظيمون عالمي امن لاءِ خطرو بڻيل هيون ۽ ان جو نتيجو 11 سيپٽمبر جي سانحي جي صورت ۾ سامهون آيو هو، پاڪستان جو اوڀر پاڙيسري طالبان رجيم جي مدد ڪري پاڪستان سان گڏ علائقائي ۽ عالمي امن کي به خطري ۾ وجهي رهيو آهي.
صدر آصف علي زرداري ڏک جي گهڙي ۾ همدردي ۽ سهڪار تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان امن، استحڪام ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي ڀائيوارن سان گڏجي ڪوششون جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ