دهشتگردي جي واپسي پٺيان پي ٽي آءِ جو هٿ آهي، تارڙ

لاهور: (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اطلاعات، نشريات عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته هاڻ ملڪ ۾ جيڪا دهشتگردي واپس آئي آهي انهي جي پٺيان پي ٽي آءِ جو هٿ آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطاءُالله تارڙ چيو ته دهشتگردن جو ڪو به دين ۽ مذهب نه آهي. انهن جو نظريو صرف دهشت پکيڙڻ آهي، مسجدون، امام بارگاهون ۽ ٻين مرڪز جي حفاظت لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون.هن چيو ته اها ڳالهه ظاهر ٿي چڪي آهي ته آپگهاتي حملو ڪندڙ افغانستان ويو هو. اسان هر حال ۾ دهشتگردن جو پيڇو ڪنداسين، دهشتگردي جي ڪابه گنجائش نه آهي انهن جو خاتمو ڪري ئي ساهه پٽينداسين.وفاقي وزير اطلاعات چيو ته دهشتگرد سافٽ ٽارگيٽ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيڪي هينڊلز انهي ۾ ملوث هئا انهن جو تعين ڪيو ويو آهي انهن کي نشان عبرت بنايو ويندو. آپگهاتي دهشتگرد جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي انهي بابت جاچ کي اڳيان وڌائينداسين.عطاءُالله تارڙ وڌيڪ چيو ته آپگهاتي ڌماڪا ختم ٿي ويا هئا پوءِ هڪ حڪومت آئي جنهن چيو ته اهي پرامن ماڻهو اسان جا ڀائر آهن انهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، طالبان خان جي سوچ جو ڪيتو اڄ سمورا پاڪستاني شهري ڀوڳي رهيا آهن. هن چيو ته اسان انهن دهشتگردن کي سندن علائقن مان ڪڍي دهشتگردي جو خاتمو ڪيو هو، هاڻ جيڪا هي دهشتگردي واپس آئي آهي انهي جي پٺيان پي ٽي آءِ جو هٿ آهي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ