گل پلازا سانحو: جسٽس آغا فيصل جوڊيشل ڪميشن جو جج مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس گل پلازا سانحي جي عدالتي جاچ لاءِ جسٽس آغا فيصل کي جج نامزد ڪيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس گل پلازا سانحي جي جاچ بابت صوبائي حڪومت جي خط جو جواب ڏنو آهي.خط جي متن موجب، جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ هڪ ڪميشن گل پلازا سانحي جي جاچ ڪندي ۽ باهه جي سببن جو پتو لڳائيندي.خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت سانحي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي مدت جو تعين ڪندي.سنڌ حڪومت 29 جنوري تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سانحي جي عدالتي جاچ لاءِ خط لکيو هو.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ