اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وزيراعظم شهباز شريف اربع ڏينهن اعلان ڪيو ته ايندڙ هڪ سال دوران پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ ٻطرفي واپار جو مقدار وڌائي هڪ ارب ڊالر تائين پهچايو ويندو.
وزيراعظم اهو اعلان قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايووف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، جيڪو هن وقت پاڪستان جي ٻن ڏينهن واري دوري تي آهي.
گڏيل پريس ڪانفرنس دوران هڪ دستخطي تقريب پڻ ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن پيٽروليم، کوٽائي (مائننگ) ۽ سامونڊي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ 37 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن (MoUs) تي صحيحون ڪيون.
پنهنجي خطاب جي شروعات ۾ وزيراعظم شهباز شريف قازقستان جي وفد کي ڀليڪار ڪندي چيو ته “23 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن قازق صدر پاڪستان جو دورو ڪيو آهي.” هن چيو ته “اڄ صبح کان اسان جون تمام ڪارائتيون ۽ نتيجا خيز ملاقاتون ٿيون آهن، ۽ ٿوري دير اڳ اسان 37 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن.”
وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته صدر توڪاييف “ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته اهي مفاهمتي يادداشتون جلد معاهدن ۾ تبديل ٿين ۽ پوءِ انهن تي عملدرآمد جو مرحلو شروع ٿئي.” وزيراعظم پنهنجي پاسي کان به انهن مفاهمتي يادداشتن تي “تيز رفتاري سان” عمل ڪرائڻ جو واعدو ڪيو.
هن چيو: “جيڪڏهن اسان انهن مفاهمتي يادداشتن کي حقيقت بڻايون ٿا ته اسان جا معاشي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا ڪيترائي درجا وڌيڪ مضبوط ٿي ويندا.” وزيراعظم صدر توڪايووف جي تعريف ڪندي چيو ته هو “هڪ انتهائي سنجيده سياستدان ۽ ڪامياب سفارتڪار” آهي.
هن قازق صدر کي نشانِ پاڪستان ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي اعزاز پاڪستان طرفان “اوهان جي دور انديش قيادت ۽ ٻن ڀائر ملڪن وچ ۾ ويجهن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اوهان جي شاندار خدمتن جي گهري قدر شناسي” جو اظهار آهي.
ان کان پوءِ وزيراعظم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بورڊ آف پيس ڏانهن ڌيان ڇڪايو ۽ صدر توڪايووف کي ان بورڊ ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.
وزيراعظم چيو: “اچو ته الله کان دعا گهرون ۽ اميد رکون ته غزا ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ، ان جي ٻيهر تعمير ۽ ٻن رياستن واري حل کي جلد حقيقت بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.”
هن وڌيڪ چيو: “قازقستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ۽ اوهان معدنيات جي کوٽائي ۽ انهن جي برآمد، گڏوگڏ پيٽروليم، تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ اڳواڻ ملڪن مان آهيو.” وزيراعظم چيو ته “پاڪستان به قدرتي وسيلن، ذهين انساني صلاحيتن ۽ محنتي آبادي سان مالا مال آهي.” تنهن هوندي به هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ گذريل سال واپار جو مقدار رڳو 250 ملين ڊالر رهيو. هن چيو: “اهو رڳو اسان جي دوستي جي سگهه کي نه، پر ٻنهي ملڪن جي امڪانن کي به ظاهر ڪري ٿو.” وزيراعظم چيو: “اچو ته اهو عزم ڪريون ته ايندڙ هڪ سال ۾ واپار جو مقدار وڌائي هڪ ارب ڊالر تائين وٺي وينداسين.”
هن پاڪستاني ۽ قازق واپاري برادرين تي زور ڏنو ته هو گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪن، ڇاڪاڻ ته ٻنهي پاسن کان وڏي امڪان هوندي به موجوده سيڙپڪاري تمام گهٽ آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن علائقائي رابطن کي وڌائڻ لاءِ “بيلاروس-روس-قازقستان-ازبڪستان-افغانستان-پاڪستان ٽرانسپورٽ ڪوريڊور” تي اتفاق ڪيو آهي.
هن صدر توڪايووف کي يقين ڏياريو ته پاڪستان قازقستان کي پنهنجي ٽرانزٽ ڍانچي ۽ سامونڊي بندرگاهن تائين مڪمل رسائي فراهم ڪندو. توانائي جي شعبي بابت وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار هڪ “ون-ون صورتحال” ثابت ٿيندو.هن زور ڏنو ته پاڪستان قازقستان کي وچ ايشيا ۾ “اسٽريٽجڪ ۽ انتهائي اهم ساٿي” سمجهي ٿو.
وزيراعظم چيو: “اڄ جي ملاقاتن، ڪارائتين ڳالهين ۽ دستخطي تقريب سان مون کي پورو يقين آهي ته اسان نه رڳو پنهنجا لاڳاپا نئون سر سان مضبوط ڪنداسين، پر ٻطرفي لاڳاپن کي به نئين رفتار ڏينداسين.”
هن ٻڌايو ته صدر توڪايووف “مستقبل جي سهڪار لاءِ هڪ شاندار روڊ ميپ” پيش ڪيو آهي. وزيراعظم چيو: “اهو رڳو اوهان جهڙي دور انديش اڳواڻ کان ئي ممڪن آهي، جنهن وٽ وڏو تجربو، مهارت ۽ علم موجود هجي.”
هن وڌيڪ چيو ته جيئن جيئن پاڪستان ۽ قازقستان جي ڀائيواري مضبوط ٿيندي، “اسين واپار، ثقافت، تعليم ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ نون موقعن جي ڳولا ڪندا رهنداسين.”
پاڪستان ‘ڀروسي جوڳو ۽ اهم ساٿي’
صدر قاسم جومارت توڪايووف پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان کي “ڏکڻ ايشيا ۽ ان کان ٻاهر هڪ ڀروسو جوڳو ۽ اهم ساٿي” قرار ڏنو. هن چيو: “اسان جي قومن کي صديون پراڻا لاڳاپا ڳنڍين ٿا، جيڪي عظيم ريشمي رستي جي ورثي، گڏوگڏ گهري ثقافتي ۽ روحاني ويجهڙائپ ۾ جڙيل آهن.”
هن وڌيڪ چيو: “اسان جون قومون گڏيل قدرن، روايتن ۽ مستقبل لاءِ گڏيل خواهشن ۾ شريڪ آهن.” مهمان صدر ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن “هڪ تاريخي دستاويز، گڏيل اعلان، تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن سان پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري قائم ڪئي وئي آهي.”
هن چيو: “اسان جي لاڳاپن کي نئين سطح تي کڻي وڃڻ سان ٻطرفي ۽ گهڻ طرفي ايجنڊائن ۾ وڏي پيماني تي موقعا کلي ويندا.” صدر توڪايووف وزيراعظم شهباز شريف جي تعريف ڪندي چيو ته هن “ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۽ گڏيل فائدي واري سهڪار کي گهرو ڪرڻ ۾ اهم ۽ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو آهي.”
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت هيٺ اسلام آباد جو “علائقائي ۽ عالمي قد وڌندو پيو وڃي.” صدر توڪايووف علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي به ساراهه ڪئي، ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غير مستقل ميمبر طور پاڪستان جي چونڊ جو حوالو ڏنو.
هن چيو: “اڄ پاڪستان وٽ مضبوط معاشي صلاحيت، ترقي يافته صنعتي ڍانچو ۽ وسيع ٽرانزٽ ۽ ٽرانسپورٽ صلاحيتون موجود آهن.” هن پاڪستان جي دفاعي صنعت جي “تيز ترقي” جي به تعريف ڪئي، جيڪا سندس چوڻ موجب “عالمي سطح تي سڃاتي وڃي ٿي.”
وزيراعظم سان ملاقات بابت صدر توڪاييف چيو: “اسان وزيراعظم شهباز شريف سان انتهائي اهم ۽ نتيجا خيز ڳالهيون ڪيون آهن.” هن وڌيڪ چيو ته “اڄ منجهند مان صدر آصف علي زرداري سان به ملاقات ڪندس.” هن ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن واپار، ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس، صنعت، توانائي، آءِ ٽي، گڏوگڏ ثقافتي ۽ انساني سهڪار تي ڳالهايو.
هن چيو ته نتيجن تي ٻڌل لاڳاپن لاءِ اهم سرڪاري دستاويز منظور ڪيا ويا آهن. صدر توڪايووف چيو ته ٻنهي ملڪن جو واپار هاڻي “نئين رفتار حاصل ڪري رهيو آهي.” هن ٻڌايو: “گذريل سال ٻطرفي واپار پوئين سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو ٿيو.”
هن وزيراعظم شهباز شريف جي واپار وڌائڻ واري عزم جي حمايت ڪندي چيو ته ويجهي مستقبل ۾ واپار جو مقدار هڪ ارب ڊالر تائين پهچائڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا. صدر توڪايووف چيو ته ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس منصوبا واپار وڌائڻ لاءِ اوليت تي رکيا ويندا.
هن چيو ته پاڪستان جا ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهه ٻنهي ملڪن لاءِ اهم آهن، ۽ افغانستان مان گذرندڙ ٽرانزٽ رستن ۽ ٽرانس-ڪيسپين ڪوريڊور تي به ڳالهيون ٿيون. ٻنهي ملڪن سڌي هوائي رابطي جي بحالي جا امڪان به جاچڻ تي اتفاق ڪيو.
توانائي جي شعبي ۾، صدر توڪايووف ٻڌايو ته ٽي اي پي آءِ (ترڪمانستان-افغانستان-پاڪستان-ڀارت) گئس پائيپ لائين بابت به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن ٻڌايو ته زراعت جي شعبي ۾ به معاهدا ڪيا ويا آهن، جيڪي واپار وڌائڻ ۽ گڏيل پيداوار جا در کوليندا.
هن پاڪستاني ڪمپنين کي قازقستان ۾ پيداوار جا ڪارخانا قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني، ۽ دفاعي صنعت ۾ به سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. صدر توڪايووف چيو ته ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ سهڪار تازن سالن ۾ تيزي سان وڌيو آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت (AI) ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز جي اسٽريٽجڪ اهميت تي به زور ڏنو ويو آهي، خاص طور معاشي ترقي لاءِ. مهمان صدر پاڪستاني سيڙپڪارن کي قازقستان ۾ سازگار حالتون فراهم ڪرڻ جي تياري جو اظهار ڪيو.
هن ٻڌايو ته قازقستان-پاڪستان بزنس فورم دوران ٻنهي ملڪن جون 250 کان وڌيڪ ڪمپنيون گڏ ٿينديون ۽ ڪيترن ئي واپاري معاهدن تي صحيحون ڪنديون. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو فورم واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن ۾ لڪل امڪانن کي سامهون آڻيندو.
صدر توڪايووف ٻڌايو ته پاڪستاني نوجوانن ۾ قازقستان جي اعليٰ تعليم مقبول ٿي رهي آهي، ۽ هن وقت هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد قازقستان ۾ مختلف شعبن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن سائنس ۽ تعليم ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.







