بورڊ آف پيس کي ابراهام معاهدي سان جوڙڻ غلط فهمي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد: (بيورو پورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندراني چيو آهي ته بورڊ آف پيس کي ابراهام معاهدي سان جوڙڻ غلط فهمي آهي پاڪستان ابراهام معاهدي جو حصو نه بڻجندو.پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ابراهام معاهدي جو حصو نه بڻجندو. پاڪستان عالمي استحڪام فورس ۾ شموليت جو ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي.پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس جو دورو ڪيو جتي هن مختلف عالمن اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪيون. اهڙين ملاقاتن ۾ عالمي اقتصادي صورتحال، علائقائي معاملا ۽ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ترجمان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان به ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ اصلاحاتي قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڊيووس فورم جي موقعي تي وزيراعظم غزه بورڊ بابت عرب ملڪ جي اڳواڻن سان به مشاورت ڪئي. انهي موقعي تي پاڪستان سميت اٺ مسلمان ملڪن غزه بورڊ جي حوالي سان گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو.ترجمان چيو ته صدر آصف علي زرداري به متحده عرب امارات جو دورو ڪيو جتي هن اماراتي صدر شيخ زايد بن النهيان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي ٻطرفي لاڳاپن، سرمئايڪاري ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به ورلڊ اڪنامڪ فورم ڊيووس ۾ شرڪت ڪئي. جتي سائيڊ لائين تي انهن جي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون. ڊيووس کان واپسي تي نائب وزيراعظم متحده عرب امارات جو دورو ڪيو ۽ اتصالات ۽ پي ٽي سي ايل جي صدر سميت اهم ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون. اهڙين ملاقاتن ۾ ٻطرفي واپار ۽ سرمائيڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي زور ڏنو ويو.ترجمان چيو ته گذريل هفتي نائب وزيراعظم جا مختلف عالمي اڳواڻن سان ڪيترائي ڀيرا ٽيليفون تي رابطا به ٿيا انهي دوران ميانمار جي پرڏيهي وزير پاڪستان جو دورو ڪيو جنهن جي دوران اهم معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.آمريڪي ٽريول ايڊوائزري ۾ تبديلي تي پرڏيهي وزارت رد عمل ڏيندي چيو ته آمريڪي ايڊوائزري ۾ منفي تبديلي نه آهي پر اپ ڊيٽ ڪئي وئي آهي. ايڊوائزري ۾ تبديلي سان هاڻ وڌيڪ آمريڪي شهري پاڪستان جو سفر ڪري سگهندا. پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪي سفارتي ذريعن کان ٽريول ايڊوائري جي معاملي تي رابطي ۾ آهيون. پاڪستان عالمي مسافرن جي لاءِ مڪمل طور تي محفوظ ۽ کليل آهي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ