ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ پاڻي جي چوري خلاف هڪ وڏو ۽ تاريخي قدم کڻندي سخت ۽ مؤثر قانوني ڪارروائي جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو. انهيء سلسلي ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيويريج ڪارپوريشن کي پاڻي چوري جي خاتمي لاءِ خاص ۽ مضبوط قانوني اختيار ڏنا ويا آهن، جن جي تحت زيرو ٽالرنس پاليسي تي عملي طور تي عملدرآمد شروع ٿي چُڪو آهي. واٽر ڪارپورشن پاران پاڻي چوري خلاف سخت ۽ تاريخي فيصلا نافذ ڪندي غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث عناصرن خلاف مؤثر ڪارروائي جو آغاز ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪراچي جي تاريخ ۾ پهرين ڀيرو پاڻي چوري جي مقدمن جي فوري ٻڌڻي لاءِ واٽر ڪارپورشن جو خاص ٽربيونل قائم ڪيو ويو آهي. پاڻي چوري خلاف قائم ڪيل هن خاص ٽربيونل جو باقاعدہ افتتاح چيف جسٹس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٹس ظفر احمد راجپوت ڪيو. ان موقعي تي ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وہاب پڻ چيف جسٹس سان گڏ موجود ھو. افتتاحي تقريب ۾ سي اي او واٽر ڪارپوريشن احمد علي صديقي، سي او او انجنيئر اسدالله خان، سي ايف او عمار علي خان، ٽربيونل جي جج منير بخش ڀٽو سميت واٽر ڪارپوريشن جي ٻين اعليٰ آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. خاص ٽربيونل جي افتتاحي تقريب واٽر ڪارپوريشن جي مرڪزي آفيس ڪارساز ۾ منعقد ٿي. تقريب کانپوءِ چيف جسٹس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ميئر ڪراچي هائيڊرنٽس سيل مئنيجمينٽ ۽ ڪمپلينٽ مئنيجمينٽ سينٽر جو دورو پڻ ڪيو، جتي سي اي او واٽر ڪارپوريشن احمد علي صديقي انهن کي نظامِ ڪار بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي پاڻي جي فراهمي، شهري شڪايتن جي تدارڪ ۽ غير قانوني ڪنيڪشن خلاف جاري قدمن کان اعليٰ اختيارين کي آگاھ ڪيو. ان موقعي تي ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وہاب چيو تہ واٽر ڪارپوريشن ايڪٽ تحت قائم خاص ٽربيونل کي مڪمل قانوني حيثيت حاصل آهي ۽ ان جي قيام سان پاڻي چوري جي روڪٿام لاءِ تيز، مؤثر ۽ فيصلو ڪندڙ قانوني ڪارروائي ممڪن ٿي سگهندي. ھن چيو تہ پاڻي چوري سان لاڳاپيل مقدمن کي خاص ٽربيونل ۾ تيز رفتاري سان نپٽايو ويندو تہ جيئن ملوث عناصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ميئر ڪراچي وڌيڪ چيو تہ پاڻي چوري خلاف خاص ٽربيونل جو قيام عوامي مفاد، شهري حقن جي تحفظ ۽ قيمتي آبي وسيلن جي حفاظت جي حوالي سان هڪ اهم سنگِ ميل آهي ۽ سنڌ حڪومت هن معاملي تي ڪنهن بہ قسم جي رعايت نہ ڪندي.







