اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي (پي ڊي ايل) ۾ 828 ارب رپيا گڏ ڪري ورتا،سرڪاري ذريعن ٻڌايو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جولاءِ کان ڊسمبر جي عرصي دوران پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي (پي ڊي ايل) ۾ 828 ارب رپيا گڏ ڪيا. ذريعن ٻڌايو ته ڪسٽم نافذ ڪندڙ ادارن جي ڪارروائين پيٽروليم شين جي اسمگلنگ ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي آهي، جنهن سان آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي. گذريل مالي سال جي مقابلي ۾، جولاءِ کان نومبر دوران پي ڊي ايل جي آمدني ۾ 284 ارب رپيا واڌ ٿي.ايف بي آر ذريعن موجب جولاءِ کان نومبر جي عرصي دوران، ڪل پي ڊي ايل جي وصولي 706 ارب رپيا رهي. هن رقم مان 146 ارب رپيا ايندھن جي قانوني فراهمي کي بهتر بڻائڻ ذريعي حاصل ڪيا ويا، جڏهن ته 138 ارب رپيا قيمتن جي ترتيب جي ڪري گڏ ڪيا ويا.غير قانوني ايندھن جي واپار تي ملڪ گير ڪريڪ ڊائون جي حصي طور، ايف بي آر ملڪ ۾ 1,442 غير قانوني پيٽرول پمپ سيل ڪيا آهن. بهرحال، ذريعن تسليم ڪيو ته تقريبن 142 پيٽرول پمپ اڃا تائين غير قانوني طور تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ بغير اجازت جي پيٽروليم شيون وڪرو ڪري رهيا آهن.ڪسٽم نافذ ڪندڙ ادارن پيٽروليم شين جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. ذريعن وڌيڪ چيو ته اهي ڪارروائيون پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪيون ويون.آفيسرن چيو ته جاري لاڳو ڪندڙ ڪارروائين سان آمدني جي وصولي ۾ وڌيڪ بهتري ۽ پيٽروليم ضابطن جي تعميل کي يقيني بڻائڻ جي اميد آهي







