گل پلازا سانحو: آپريشن نائين ڏينهن جاري، انساني باقيات هٿ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) گل پلازا سانحي ۾ حادثي جي نائين ڏينهن تي به ريسڪيو آپريشن جاري آهي، سانحي کي 9 ڏينهن گذرڻ جي باوجود، سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن اڃا تائين مڪمل نه ٿيو آهي، ملبو هٽائڻ جو عمل اڃا تائين جاري آهي، ريسڪيو 1122 ۽ اربن سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمون متاثر عمارت جي ملبي ۾ انساني باقيات جي ڳولا ۾ مصروف آهن، ريسڪيو ذريعن موجب، عمارت جي ٽئين منزل مان وڌيڪ انساني باقيات هٿ ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته واقعي ۾ هاڻي تائين 71 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ڳولا جاري آهي ۽ وڌيڪ لاشون ڳولڻ جا امڪان آهن. 82 ماڻهو گم آهن، 24 جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، ريسڪيو ٽيمون اڃا تائين عمارت جو ملبو هٽائڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ۾ مصروف آهن.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ