اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز چيو آهي ته مضبوط، پيشه ور ۽ عوام دوست پوليس داخلي سلامتي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ضروري آهي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز نيشنل پوليس اڪيڊمي اسلام آباد جو دورو ڪيو. فيلڊ مارشل پوليس سروس آف پاڪستان جي آفيسرن سان ملاقات ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انهي موقعي تي وفاقي گهرو وزير ۽ گهرو مملڪتي وزير به موجود هئا.جاري ڪيل بيان موجب نيشنل پوليس اڪيڊمي پهچڻ تي فيلڊ مارشل جو ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي پرجوش استقبال ڪيو جڏهن ته هڪ چاق وچوبند پوليس دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو.پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته فيلڊ مارشل پوليس جي شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي انهي کان علاوه فيلڊ مارشل امن امان جي قيام، قانون جي بالادستي ۽ عوام جي تحفظ لاءِ پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ پوليس جي شهيدن کي خراج عقيدت به پيش ڪيو.فيلڊ مارشل دهشتگردي، ڏوهه ۽ داخلي سلامتي جي چيلنجز جي مقابلي ۾ پوليس اهلڪارن جي عظيم قربانين جي تعريف ڪئي. دوري جي دوران فيلڊ مارشل کي اسڪول فار هاءِ امپيڪٽ ايليٽ لا انفورسمينٽ ڊوالپمينٽ سميت پوليس جي تربيتي سرگرمين کي وڌائڻ ۽ جديديدت بابت قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. دوري دوران فيلڊ مارشل ڪيڊٽ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽس آف پوليس سان به ملاقات ڪئي.فيلڊ مارشل چيو ته پوليس شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ ۾ پهرين دفاعي لائن جي حيثيت رکي ٿي. فيلڊ مارشل اداره جاتي تعاون، جديد پوليسنگ طريقيڪار ۽ عوامي ڀروسي کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو.فيلڊ مارشل چيو ته مضبوط پيشه ور ۽ عوام دوست پوليس فورس داخلي، سلامتي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ضروري آهي. امن امان جو قيام هڪ مقدس ذميواري آهي، هٿياربند فوج پاڪستان جي بهادر پوليس اهلڪارن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي.بيان موجب سينئر پوليس قيادت پوليسنگ جي معيار کي وڌيڪ بهتر بنائڻ، پيشوارانه صلاحيت ۾ اضافي ۽ موجوده سلامتي چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري اداره جاني اصلاحن جو ارادو ظاهر ڪيو.







