وڏي وزير پاران گل پلازا ۾ باهه جي واقعي جو نوٽيس، ڪمرشل عمارتن جي فائر سيفٽي آڊٽ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گل پلازا ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ڪمشنر ڪراچي کي واقعي جي فوري طور تي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ترجمان موجب، وڏي وزير سنڌ ڪمشنر ڪراچي کي باهه لڳڻ جا سبب ڳولڻ ۽ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.وڏي وزير سنڌ عمارت ۾ باهه جي حفاظتي انتظامن جو معائنو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ باهه جي حفاظتي قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو آهي.سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ڪمرشل عمارتن ۾ فوري طور تي باهه جي حفاظتي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ