سرگوڌا (ويب ڊيسڪ)سرگوڌا جي ٻاهريان سخت ڪوهيڙي سبب مني ٽرڪ سان حادثو پيش آيو، جنهن ۾ 14 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب، مني ٽرڪ گلپور بنگلا ڪينال ۾ ڪري پئي، جيڪو سڪل هو.مني ٽرڪ حادثي ۾ 14 ماڻهو مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا.فوت ٿيندڙن ۾ 6 ٻار، 5 عورتون ۽ 3 مرد شامل آهن.مني ٽرڪ ۾ 23 ماڻهو هئا. مني ٽرڪ ۾ ماڻهو هڪ جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. ذريعن موجب، لاشن ۽ زخمين کي ٽي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.







