اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول واپس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) اسلام آباد ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جو شيڊول واپس وٺي ڇڏيو آهي.ان حوالي سان هڪ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت 10 جنوري تي اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ترميمي آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن ۾ اسلام آباد ۾ مقامي حڪومت جي جوڙجڪ کي تبديل ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، مقامي حڪومتن جي چونڊن جو طريقو به تبديل ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جو پروگرام واپس وٺي ٿو.ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن 15 فيبروري تي اسلام آباد ۾ مقامي حڪومتن جي چونڊن جو شيڊول جو اعلان ڪيو هو.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ