ٽانڪ(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي ٽانک ۾ گومل بازار پوليس اسٽيشن جي بکتر بند گاڏي ويجهو ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي ۾ ڇهن پوليس اهلڪارن سميت ست ماڻهو شهيد ٿي ويا.
پوليس موجب، بکتر بند گاڏي گومل پوليس اسٽيشن کان ٽانڪ اچي رهي هئي ته گومل بازار روڊ تي ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي سان نشانو بڻايو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ هڪ بکتر بند گاڏي تباهه ٿي وئي ۽ گومل پوليس اسٽيشن جي ايڊيشنل ايس ايڇ او اسحاق خان سميت ڇهه پوليس اهلڪار مارجي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته متاثرين ۾ هڪ راهگير به شامل آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ٽانک ۾ دهشتگرد حملي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ واقعي جي فوري جاچ جو حڪم ڏنو.
هن چيو ته واقعي جي ذميوار دهشتگردن کي جلد انهن جي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.
خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير به واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن جون قربانيون ضايع نه وينديون.







