تهران(ويب ڊيسڪ)ايران ۾ مهانگائي خلاف ٿيندڙ احتجاج جي ٻارهين ڏينهن، گادي واري شهر تهران ۾ هڪ مظاهري دوران چاقو لڳڻ سبب هڪ پوليس آفيسر شهيد ٿي ويو.
فارس نيوز ايجنسي موجب، “تهران جي اولهه ۾ واقع ضلعي ملارد ۾ پوليس فورس جو هڪ اهلڪار شاهين دهقان مشتعل مظاهرين تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن دوران چاقو لڳڻ کان پوءِ شهيد ٿي ويو۔”
مقامي ميڊيا موجب، جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔
ايران ۾ مهانگائي خلاف احتجاج جو آغاز 28 ڊسمبر تي ٿيو، جڏهن تهران جي واپارين وڌندڙ قيمتن ۽ ريال جي قدر ۾ گهٽتائي خلاف مظاهرو ڪيو، جنهن کان پوءِ ٻين شهرن ۾ به احتجاج شروع ٿي ويا۔
سرڪاري بيانن ۽ مقامي ميڊيا تي ٻڌل اي ايف پي جي انگن اکرن موجب، اهي مظاهرا ايران جي 31 مان 25 صوبن تائين پکڙجي چڪا آهن، ۽ انهن دوران سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن سميت درجنين ماڻهو جان وڃائي چڪا آهن۔
هي اسلامي جمهوريه ۾ 2022–2023 دوران ٿيندڙ ملڪ گير ريليز کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ سنگين احتجاجي تحريڪ آهي، جيڪا عورتن لاءِ لباس جي ضابطن جي مبينا ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيل مهسا اميني جي حراست دوران موت کان پوءِ شروع ٿي هئي۔







