لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ڪجهه قسمن جي ڏوهن ۾ نمايان گهٽتائي ڏٺي وئي آهي، پر پنجاب پوليس جي سرڪاري انگن اکرن موجب مجموعي طور رپورٽ ٿيندڙ ڏوهن ۾ رڳو 2 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، جيڪا وزيراعليٰ پنجاب جي دعويٰ جي ابتڙ آهي.
جيو فيڪٽ چيڪ جي رپورٽ موجب وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف ڪيترائي ڀيرا اها دعويٰ ڪئي آهي ته سال 2025 دوران، سال 2024 جي ڀيٽ ۾، صوبي پنجاب ۾ ڏوهن جي شرح ۾ لڳ ڀڳ 70 کان 80 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي آهي. سندس اها دعويٰ غلط آهي.
مريم نواز جي دعويٰ
6 ڊسمبر تي گوجرانوالا ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي، وزيراعليٰ پنجاب صوبي ۾ مجموعي طور ڏوهن ۾ گهٽتائي جو ڪريڊٽ سي سي ٽي وي (CCTV) ڪئمرائن کي ڏنو، جيڪي ڏوهاري ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ نگراني لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن.
هن دعويٰ ڪئي هئي ته “ڪرائم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ (CCD) جي ڪري هن وقت پنجاب ۾ ڏوهن ۾80 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، پنجاب هاڻي هڪ محفوظ صوبو آهي ۽ ڪيترائي ضلعا اهڙا آهن جتي ڪيترن ڏينهن تائين هڪ به ڪيس رپورٽ نٿو ٿئي.”
هن، ان کان اڳ 19 نومبر تي به اهائي دعويٰ ورجائي هئي. ان ڏينهن هن چيو هو ته پنجاب ۾ ڪرائيم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ (CCD) جي قيام جا شاندار مليا آهن، جنهن سبب ڏوهن ۾ 70 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي آهي.
اصل حقيقت هي آهي
ڏوهن بابت سرڪاري انگ اکر وزيراعليٰ پاران ڪيل 70 يا 80 سيڪڙو گهٽتائي جي دعويٰ جي تائيد نٿا ڪن. جيو فيڪٽ چيڪ، پنجاب پوليس طرفان مهيا ڪيل 2024 ۽ 2025 جي ڏوهن بابت سرڪاري انگن اکرن جو تقابلي جائزو ورتو آهي.
1 جنوري کان 31 ڊسمبر 2024 ۽ 1 جنوري کان 29 ڊسمبر 2025 تائين جي ڏوهن جي انگن اکرن جي ڀيٽ ظاهر ڪري ٿي ته پنجاب ۾ مجموعي طور رپورٽ ٿيندڙ ڏوهن ۾ رڳو 2 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه مخصوص ڪيٽيگريز ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، پر ڪجهه قسم جي ڏوهن ۾ واڌ به ڏٺي وئي آهي.
سڀ کان وڌيڪ گهٽتائي اجتماعي زيادتي واري ڪيٽيگري ۾ رڪارڊ ڪئي وئي، جتي 2024 جي ڀيٽ ۾ ڏوهن ۾ 44 سيڪڙو گهٽتائي آئي، جڏهن ته ڌاڙن ۽ ڦرن دوران قتل جي واقعن ۾ 42 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي وئي.
ٻئي پاسي، ماڻهن خلاف ڏوهن، مقامي قانونن جي ڀڃڪڙي، متفرق ڏوهن، عورتن جي اغوا يا گمشدگي، ۽ منشيات وارن ڪيسن ۾ حقيقت ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته سي سي ڊي (CCD) کي سنگين ۽ منظم ڏوهن سان منهن ڏيڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي، جن ۾ ڊڪيتي، راهزني، يا اهڙين وارداتن دوران قتل، جنسي زيادتي، بدفعلي، اغوا يا اغواڪاري، اغوا براءِ تاوان، ڀتا خوري، پوليس اهلڪارن تي حملا ۽ ٻيا سنگين ڏوهه شامل آهن، جيڪي عوامي سلامتي لاءِ وڏو خطرو بڻجن ٿا.







