اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جي معاملي تي اسپيڪر سردار اياز صادق کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته حڪومتي وفد اسپيڪر جي درخواست تي ڳالهين لاءِ تيار آهي.حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهيون صرف پي ٽي آءِ جي چونڊيل نمائندن سان ٿينديون، ۽ غير چونڊيل نمائندن سان نه ڳالهيون ٿينديون.ٻئي طرف، اسپيڪر آفيس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڃا تائين ڪنهن به پي ٽي آءِ اڳواڻ ڳالهين لاءِ باضابطه رابطو نه ڪيو آهي، سردار اياز صادق اڃا تائين پارلياماني ڪميٽي کي برقرار رکيو آهي، جيڪڏهن اپوزيشن متفق ٿي ته اسپيڪر فوري طور تي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس سڏائيندو.ان حوالي سان پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيڪر جي آڇ جي باوجود، اپوزيشن اڃا تائين انهن سان رابطو نه ڪيو آهي، اسپيڪر پي ٽي آءِ کي پنهنجي چيمبر ۾ اچڻ جي دعوت ڏني آهي.







