ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي کي دنيا جي بهترين شهرن ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ 8/4 ارب روپين کان وڌيڪ جو پيڪيج ڏيڻ چاهيان ٿو.فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن جي وفد ڊي جي ميجر جنرل عبدالسميع جي سربراهي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ بلديات وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي شريڪ ٿيا.ملاقات جي دوران سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان ڪراچي جي ترقي جو جامع منصوبو لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته مان ڪراچي جي لاءِ 84 ارب 79 ڪروڙ 60 لک روپين جو پيڪيج ڏيڻ چاهيان ٿو. انهي کان علاوه شهر جي لاءِ 26 ارب 20 ڪروڙ روپين جي وڌيڪ رقم جي به منظوري ڏني وئي آهي. مان چاهيان ٿو ته ايف ڊبليو او سان ڀائيواري قائم ڪري ترقياتي منصوبا شروع ڪيا وڃن.مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي سمورن ميگا ۽ اهم منصوبن جي بهترين ڊيزائننگ ٿيڻ گهرجي. ڪراچي جي ترقي دنيا جي بهترين شهرن کان گهٽ نه ٿيڻ گهرجي. اهن منصوبن ۾ ايم نائن جناح ايونيو کان شاهراهه فيصل تائين روڊ جي تعمير شامل آهي جيڪو سپر هاءِ وي ۽ شهر جي اهم روڊن سان جڙيل آهي.سنڌ جي وڏي وزير موجب ملير بالٽ پرنٽنگ پريس کان شاهراهه فيصل تائين کاٻي طرف انڊس پاس جي تعمير جو منصوبو آهي ڇو ته ملير بالٽ تي ٽريفڪ جو هڪ وڏو بوتل ٽيڪ موجود آهي جنهن کي ختم ڪرڻو آهي. هن چيو ته ايئرپورٽ کان اسٽار گيٽ طرف فلائي اوور جي تعمير ڪئي ويندي جنهن جي ذريعي ايئرپورٽ کان شاهراهه فيصل تائين سڌو سنئين پهچ حاصل ٿي سگهندي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته وائي جنڪشن کان مچهلي چوڪ(هاڪس بي روڊ) جي تعمير ڪئي ويندي. اهڙي طرح مسرور بيس کان ٽرڪ اسٽينڊ تائين روڊ جي تعمير به گڏ ٿيندي. اهو منصوبو ڪمرشل ۽ هيوي ٽريفڪ جي لاءِ شامل آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سهراب ڳوٺ تي فلائي اوور جي تعمير جو منصوبو آهي اهو شهر جو گيٽ وي آهي هتي ٽريفڪ جو دٻاءُ تمام گهڻو رهندو آهي. فلائي اوور بنجڻ سان ٽريفڪ جو دٻاءُ ختم ٿي ويندو.مراد علي شاهه چيو ته وڌيڪ 7 منصوبا اهڙا آهن جن جي لاءِ مان 94.7 ارب روپيه فراهم ڪري رهيو آهيان ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ 443 اندروني روڊن جي تعمير ڪئي ويندي. ٽريفڪ مينجمينٽ جي لاءِ 9 منصوبا ٺاهيا ويا آهن ۽ ڪي ايم سي جي 26 روڊن جي تعمير به ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته پارڪس، روڊن ۽ فلائي اوورز ۾ بهتري جو ڪم جاري آهي جڏهن ته شهر جي 9 اهم منصوبن جي تعمير، 10 مختلف علائقن ۾ اهم روڊن جي تعمير ۽ 7 مختلف روڊن جي بيوٽيفڪيشن جا منصوبا به شامل آهن.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايف ڊبليو او جا انجنيئرز، بلديات کاتي ۽ ڪي ايم سي جا اعليٰ آفيسر گڏيل طور تي منصوبن جي ڊيزائننگ جو ڪم فوري طور تي شروع ڪندا. سنڌ جي وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڊيزائن ۽ يوٽيلٽيز جي منتقلي بابت مسئلا فيبروري ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجن، مارچ 2026ع کان ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن.







