دبئي(ويب ڊيسڪ)ايشيائي ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان پنهنجي روايتي حريف ڀارت کي 191 رنز تان شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو ٽائيٽل کٽي ورتو. پاڪستاني بيٽرن ۽ بولرن ڀارت جا ڇڪا ڇڏائي ڇڏيا.
ڀارت ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 347 رنز ٺاهيون ۽ ڀارت کي کٽڻ لاءِ 348 رنز جو هدف ڏنو.
ڀارت جي پوري ٽيم 26.2اوورن ۾ 156 رنز تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان جي علي رضا 4 وڪيٽون ورتيون، محمد صيام، حزيفه احسان ۽ عبدالسبحان 2، 2 وڪيٽون ورتيون.
ڀارت خلاف سمير منههاس 17 چوڪن ۽ 9 ڇڪن جي مدد سان بهترين راند ڪندي 172 رنز جي اننگز کيڏي. هن صرف 71 بالن تي 103 رنز مڪمل ڪيون هيون. سمير هن ٽورنامينٽ جو ٽاپ اسڪورر آهي. کيس پليئر آف دي ميچ ۽ ٽورنامينٽ جا اعزا کٽي ورتا.
ان کان سواءِ احمد حسين 56، عثمان خان 35، ڪپتان فرحان يوسف 19 ۽ حمزه ظهور 18 رنز ٺاهيا. محمد صيام 13 ۽ نقاب شفيق 12 رنز سان ناٽ آئوٽ رهيا.
ڀارت جي طرفان ديپش ديويندرن 36 رنسون ٺاهيون ۽ 3 وڪيٽون به ورتيون. ويڀائو سوريا ونشي 26، ايرون ورگيز 16، وڪٽ ڪيپر بيٽسمين اڀيگيان ڪندو13 رنس ٺاهي نمايا رهيا. جڏهنتہ کلان پٽيل ۽ هينل پٽيل 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
واضح رهي ته پاڪستان ٻه ڀيرا آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ جو ٽائيٽل کٽي چڪو آهي، پر اڃا تائين انڊر 19 ايشيا ڪپ جو فاتح ناهي بڻيو.
2012ع جي انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ڀارت سان گڏيل طور چيمپيئن رهيو هو۔







