اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار پينشن ۽ پگهار گڏ وٺڻ تي لڳايل پابندي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، انهي حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پينشن ڪيسز ۾ 22 اپريل ۽ 19 جون جي آفيس ميمورنڊم فوري طور تي ختم ڪيا ويا آهن. رٽائرمينٽ کان پوءِ ٻيهر نوڪري تي پينشن ۽ پگهار ٻئي گڏ وٺڻ تي لڳايل پابندي ختم ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ ناڻي واري وزارت طرفان ٻيهر نوڪري بابت حڪم واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ رٽائرڊ آفيسرن کي ٻيهر نوڪري تي مڪمل مالي مراعتون ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. حڪومت ڊبل بينيفٽ اسڪيم کي بحال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي تحت ٻيهر مقرر رٽائرڊ ملازم پگهار ۽ پينشن به هاڻ گڏ وٺي سگهندا.







