اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 700 ملين ڊالر جي فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پاڪستان پبلڪ ريسورسز فار انڪلوسيو ڊولپمينٽ پروگرام جي تحت ورلڊ بينڪ پاران منظور ٿيل، هن منصوبي جو مقصد ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪرڻ ۽ عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ آهي.ورلڊ بينڪ موجب، پروگرام تحت ڪل 1.35 بلين ڊالر جي فنانسنگ فراهم ڪئي ويندي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت لاءِ 600 ملين ڊالر ۽ سنڌ لاءِ 100 ملين ڊالر منظور ڪيا ويا آهن. فنڊ جي فراهمي سڌارن جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ سان مشروط هوندي.ورلڊ بينڪ جو چوڻ آهي ته اهو منصوبو ٽيڪس نظام ۽ شفاف مالي انتظام کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏئي ٿو، جنهن جو مقصد ڊجيٽل ڊيٽا ۽ مالي نظام کي بهتر بڻائي سروس پهچائڻ کي بهتر بڻائڻ آهي.هي پروگرام آءِ ايم ايف جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ سهولت سان مطابقت رکي ٿو. پروگرام تحت، سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم لاءِ وسيلن ۾ واڌ جي اميد آهي. سڌارا شفافيت ۽ عوامي اعتماد ۾ اضافو ڪندا.







