اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ توشه خانه ٽو ڪيس جي عدالتي فيصلي کي انصاف تي ٻڌل فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير اطلاعات چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي ڪروڙين روپين جي تحفي جي قيمت گهٽ لڳرائي، تحفن جي قيمت گهٽ لڳرائي سرڪار کي گهٽ رقم ڏني وئي، اسٽيٽ کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچائي تحفا پنهنجي ذات لاءِ رکيا ويا.عطاءُالله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جا توشه خانه ٽو ڪيس جي اڄوڪي سزا 190 ملين پائونڊ ڪيس جي سزا ختم ٿيڻ کان پوءِ شروع ٿيندي 15 سالن جي سزا ختم ٿيندي ته انهي کان پوءِ 17 سالن جي سزا شروع ٿيندي.وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته توشه خانه ٽو ڪيس اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي، پاڪستان جي ايندڙ دورن ۾ اها مثال قائم ٿي وئي آهي ته جن وٽ حڪمراني هجي اهو احتياط ڪري.مصطفيٰ ڪمال چيو ته اهي سموريون شيون بحيثيت قوم اسان جي لاءِ شرمندگي جو سبب آهن. جهڙي طرح بشريٰ بي بي جون آڊيو ۽ وڊيو آيون اهو تمام گهڻو واضح ڪيس هو اهو ڪم اڳوڻي وزيراعظم جي گهر ۾ ٿيو. جيڪڏهن انهي کي خبر نه هئي تڏهن به اهو ڏوهاري آهي. هن چيو ته اسان جو الميو اهو آهي ته اسان ڪردار کي نٿا ڏسون صرف تنقيد کي اوليت ڏيندا آهيون. انهي فيصلي کان پوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ مثبت نتيجا سامهون ايندا.







