اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ميمبرن کي اثاثن ۽ واجبات جا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي لاءِ 31 ڊسمبر جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب سمورن ميمبرن جي لاءِ مالي سال 25-2024 جا گوشوارا جمع ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو ويو.اليڪشن ڪميشن موجب گوشوارا شريڪ حيات ۽ ڪفالت هيٺ ٻارن جي اثاثن ۽ واجبات سميت جمع ڪرائڻا پوندا. اليڪشن ايڪٽ جي تحت گوشوارا مقرر فارم تي ئي جمع ڪرائڻ لازمي آهن.اليڪشن ڪميشن موجب مقرر تاريخ تائين گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جا نالا پهرين جنوري تي شايع ڪيا ويندا. 15 جنوري تائين گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي ويندي.انهي کان علاوه غلط ڄاڻ فراهم ڪندڙ ميمبرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. غلط بياني ثابت ٿيڻ تي 120 ڏينهن جي اندر قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. فارم بي اليڪشن ڪميشن، سيڪريٽريٽ ۽ لاڳاپل آفيسن مان مفت حاصل ڪري سگهجي ٿو.اليڪشن ڪميشن موجب فارم بي اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تان به حاصل ڪري سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن سمورن ميمبرن کي مقرر مدي ۾ گوشوارا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.







