اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.وفاقي وزارت توانائي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڊيزل جي قيمت ۾ 14 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.14 رپيا في ليٽر گهٽتائي کان پوءِ، ڊيزل جي في ليٽر نئين قيمت 265.65 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت 263.45 رپيا برقرار رکي وئي آهي.







