نيٺ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جوشيڊول جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون 15 فيبروري تي ٿينديون، پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهندو.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ريٽرننگ آفيسر 19 ڊسمبر تي نامزدگي ڪاغذن لاءِ عوامي نوٽيس جاري ڪندا، ۽ نامزدگي ڪاغذ 22 ڊسمبر کان 27 ڊسمبر تائين جمع ڪرايا ويندا.چونڊ شيڊول موجب، نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 30 ڊسمبر کان 3 جنوري 2026 تائين ٿيندي، اپيلون 5 جنوري کان 8 جنوري 2026 تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون، ۽ ٽربيونل 9 کان 13 جنوري تائين اپيلون ختم ڪندا.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 15 جنوري 2026 آهي، اميدوارن جي آخري فهرست 16 جنوري تي جاري ڪئي ويندي، ۽ چونڊ نشان 16 جنوري تي الاٽ ڪيا ويندا.چونڊ شيڊول موجب، اسلام آباد ميونسپل چونڊن لاءِ پولنگ 15 فيبروري تي ٿيندي، ۽ نتيجا 16 فيبروري کان 19 فيبروري تائين مرتب ڪيا ويندا.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ