بهاوالپور: (ويب ڊيسڪ) بهاوالپور ۾ موٽر وي تي پيش آيل روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار فوت ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب موٽر وي پوليس ٻڌايو ته ايم فائيو موٽر وي اوچ شريف جي هنڌ تي روڊ حادثو پيش آيو جنهن ۾ بس پيٽرولنگ موبائل کي پٺيان کان ٽڪر هنيو. موٽروي پوليس تصديق ڪئي آهي ته بس جي پوليس موبائيل کي ٽڪر سبب 3 اهلڪار فوت ٿي ويا. موٽروي اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جي فوري بعد فوت ٿي ويل اهلڪارن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.







