اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به دهشتگرد گروپ، ٽي ٽي پي يا بي ايل اي سان ڳالهيون نه ڪندو. اميد آهي ته افغان طالبان پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ڪندا.هفتيوار پريس بريفنگ ۾، پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڳالهين ذريعي سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ پاڪستاني فوج هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي قابل آهي.هن چيو ته افغان حڪومت جي دور ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا وڌيا، ۽ افغان حڪومت کي پنهنجي سرزمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ گهرجي. اميد آهي ته افغان طالبان پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ڪندا.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته تازو ئي استنبول ۾ پاڪستان-افغان طالبان ڳالهين جو دور ٿيو، ۽ پاڪستان ترڪي ۽ قطر جو انهن جي ثالثي لاءِ شڪرگذار آهي. هن چيو ته پاڪستان گذريل سالن ۾ افغان حڪومت سان لاڳاپن ۾ مثبت رويو اختيار ڪيو آهي، پر افغان طالبان حڪومت مثبت جواب نه ڏنو آهي، ۽ طالبان حڪومت افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن کي انساني مسئلي طور پيش ڪري رهي آهي. افغانستان ۾ دهشتگردن جي موجودگي ۽ محفوظ پناهه گاهون بلڪل به انساني مسئلو نه آهن. طاهر حسين اندرابي چيو ته طالبان حڪومت ۾ عنصر پاڪستان ۾ افغان پاليسي تي اختلافن جي موجودگي جو پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، هي پروپيگنڊا حقيقتن جي برعڪس ۽ غلط آهي.هن چيو ته افغان طالبان پشتون قوم پرستي کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، افغانستان کان وڌيڪ پشتون پاڪستان ۾ رهن ٿا.هن چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردي کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ فتويٰ جاري ڪئي وئي آهي، پاڪستان اندر سرگرم دهشتگرد گروپ افغان شهري آهن، پاڪستان دهشتگردي جي عفريت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.







