اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ رولز 2025 ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.رپورٽ موجب چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ فل ڪورٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ رولز 1980 جو جامع جائزو مڪمل ڪيو ويو، فل ڪورٽ اجلاس دوران، سپريم ڪورٽ رولز 2025 ۾ ترميمن جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته منير پراچا کي سينئر ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ جو درجو ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي.سپريم ڪورٽ جي ججن جسٽس شاهد وحيد، جسٽس عرفان سعادت، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس عقيل عباسي جي هڪ ڪميٽي مسودو تيار ڪيو.







