سياسي سرگرمين لاءِ سرڪاري وسيلن جي استعمال کي روڪڻ جو حڪم

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ سياسي سرگرمين ۾ سرڪاري وسيلن جي استعمال کي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ريلين، ميٽنگن ۽ ملين مارچ ۾ سرڪاري مشينري جي استعمال خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.درخواستگذار موجب صوبائي حڪومت اجلاسن ۽ ملين مارچ ۾ سرڪاري وسيلن جو استعمال ڪري ٿي، پارٽيون سياسي سرگرمين ۾ سرڪاري ملازمن ۽ مشينري جو استعمال ڪن ٿيون، احتجاج ۾ استعمال ٿيندڙ صوبائي سرڪاري مشينري اڃا تائين وفاق جي قبضي ۾ آهي.عدالت 4 صفحن جو تحريري حڪم جاري ڪيو ۽ سياسي سرگرمين ۾ سرڪاري وسيلن جي استعمال کي روڪڻ جو حڪم ڏنو.عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته اجلاسن ۽ ملين مارچ ۾ سرڪاري وسيلن جو استعمال نه ڪيو وڃي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم ۾ چيو ويو ته درخواستگذار موجب سرڪاري وسيلن جو استعمال آرٽيڪل 4، 5 ۽ 25 جي خلاف آهي، سياسي سرگرمين ۾ سرڪاري وسيلن جو استعمال قومي خزاني جو ضايع آهي.عدالت چيو ته رياست کي سرڪاري ۽ سياسي واقعن ۾ فرق ڪرڻ گهرجي، سياسي سرگرمين ۾ سرڪاري وسيلن جو استعمال اختيارن جي غلط استعمال جي زمري ۾ اچي ٿو.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ