آپگهاتي حملو ويڪ اپ ڪال قرار، هي پاڪستان جي جنگ آهي:خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف اسلام آباد ڪورٽ ٻاهران ڌماڪي تي ردعمل ڏيندي ۾ چيو آهي ته ڪابل جا حڪمران پاڪستان ۾ دهشتگردي روڪي سگهن ٿا پر اسلام آباد تائين اِها جنگ آڻڻ هڪ پيغام آهي، جنهن جو پاڪستان ڀرپور جواب ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته ”اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون، ڪو به اهو سمجهي ٿو ته پاڪستان فوج اها جنگ پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۾ ۽ بلوچستان جي ڏورانهين علائقن وڙهي رهي ته اسلام آباد آپگهاتي حملو هڪ وِيڪ اپ ڪال (جاڳڻ جو وقت) آهي ته هيءَ سڄي پاڪستان جي جنگ آهي، جنهن ۾ پاڪ فوج روز قربانيون ڏئي رهي آهي ۽ عوام کي تحفظ جو احساس ڏياري رهي آهي.“ خواجا آصف وڌيڪ چيو ته ههڙي صورتحال ۾ ڪابل جي حڪمرانن کان ڪامياب ڳالهين جي اميد رکڻ اجايو هوندو، ڪابل جا حڪمران پاڪستان ۾ دهشتگردي روڪي سگهن ٿا، پر اسلام آباد تائين هن جنگ کي آڻڻ هڪ پيغام آهي، جنهن جو پاڪستان ڀرپور جواب ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ