ڊينگي جي پکيڙ ۾ واڌ،24 ڪلاڪن ۾ 4 فوت،1192 ڪيس رپورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ ڊينگي جي بيماري هڪ پريشان ڪندڙ صورتحال بڻجي وئي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صوبي ۾ ڊينگي سبب 4 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، سنڌ جي صحت کاتي موجب، هن سال ڊينگي سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 25 تائين پهچي ويو آهي، سنڌ جي صحت کاتي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ ۾ 1,192 ڪيس مثبت رپورٽ ٿيا آهن، جن مان 642 ڪيس ڪراچي ۾ ۽ 550 ڪيس حيدرآباد ۾ رپورٽ ٿيا آهن.صحت کاتي موجب، هن سال سنڌ صوبي ۾ ڊينگي جا 10,502 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ 227 مريض ۽ خانگي اسپتالن ۾ 212 مريض علاج هيٺ آهن. اهڙي طرح، ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي لاءِ 257 بسترا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 195 بسترا مختص ڪيا ويا آهن.سنڌ جي صحت کاتي موجب، ڪراچي ۾ 37 ليبارٽريون ڊينگي جي جاچ ڪري رهيون آهن، جن مان 12 سرڪاري ۽ 25 خانگي ليبارٽريون آهن. حيدرآباد ۾ ڊينگي جي جاچ لاءِ 18 ليبارٽريون آهن، جن مان 7 سرڪاري ۽ 11 خانگي ليبارٽريون آهن.گذريل 24 ڪلاڪن دوران، سنڌ ۾ ڊينگي سبب فوت ٿيندڙن ۾ 3 ٻار ۽ هڪ عورت شامل آهن، حيدرآباد ۾ هڪ 3 سالن جي ڇوڪري، بدين ۾ هڪ 6 سالن جو ٻار، جڏهن ته ڪراچي ۾ هڪ 11 سالن جو ٻار ۽ هڪ 30 سالن جي عورت ڊينگي سبب فوت ٿي وئي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ