پنجاب حڪومت ۽ پ پ وچ ۾ اقتدار جي حصيداري تي اڳڀرائي جو امڪان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ اقتدار جي حصيداري تي بريڪ ٿرو جو امڪان آهي.پنجاب حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جي پنجاب قيادت پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن.پنجاب حڪومت جي ذريعن موجب، مسلم ليگ ن 30 پيپلز پارٽي ايم پي ايز ۽ ٽڪيٽ هولڊرز جي حلقن لاءِ ترقياتي فنڊ فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي پنجاب جي قانون کاتي ۾ لا آفيسرن جي ڀرتي ۾ به حصو ملڻ جو امڪان آهي.ذريعن وڌيڪ چيو ته ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽين ۾ به پيپلز پارٽي ايم ايل ايز ۽ ٽڪيٽ هولڊرز کي وٺڻ جو امڪان آهي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ