اوٻاوڙو: (رپورٽر) اوٻاوڙو ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ هلندڙ سيلرا, شر, ڌونڌو خوني تڪرار هڪ ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، شر برادري جي 20 کان مٿي هٿياربندن پاران ڳوٺ محبوب سيلرو ۽ مير محمد ڌونڌو جي مٿان چڙهائي ڪري جديد هٿيارن سان حملو ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا مارجي ويا.هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن ۾ محمّد ابراهيم سيلرو , اياز ڌونڌو، صوبو سيلرو، علي گوهر ڌونڌو ٿڏي تي مارجي ويا آهن جڏهن ته ڇھ ڄڻا ڄام سيلرو، دلبر، عظيم، قائم سيلرو، نديم سيلرو، حنيف سيلرو سخت زخمي ٿي پيا آهن جن کي وارثن پاران کڻائي تعلقه اسپتال آندو ويو آهي جتي کين طبي امداد ڏني وئي زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته فائرنگ جو سلسلو جاري آهي اهڙي اطلاع ملڻ تي رانوتي پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي







