ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پوري صوبي ۾ ٽائر ساڙڻ ۽ پائرو لائسز پلانٽن جي قيام ۽ عمل درآمد تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ بابت باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي۔ وڏي وزير جي ماحوليات بابت صلاحڪار دوست محمد راهمون واضح ڪيو ته پابندي جي منظوري 6 آڪٽوبر تي صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڏني وئي هئي، جنهن تحت سنڌ ماحولياتي تحفظ واري اداري (سيپا) کي هدايت ڪئي وئي آهي ته صوبي ۾ قائم ڪيل سڀني ٽائر پائروليسس يونٽن جي اين او سي فوري طور تي منسوخ ڪري. نوٽيفڪيشن موجب، سڀني آپريٽرن کي پابند ڪيو ويو آهي ته اهي 30 ڏينهن اندر پنهنجون سڀئي سرگرميون مڪمل طور تي بند ڪن، ٻي صورت ۾ سنڌ ماحولياتي تحفظ ايڪٽ 2014 ۽ “سنڌ ماحولياتي تحفظ واري اداري (غير معياري ايندھن/ٽائرن جي استعمال تي پابندي) رولز 2025” تحت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سيڪريٽري ماحوليات زبير چنا چيو ته پابندي جي خلاف ورزي تي پلانٽن کي ضبط ڪرڻ، ڳرا ڏنڊ ۽ مستقل بندش جهڙيون سزائون لاڳو ڪيون وينديون. ٽائر ساڙڻ ۽ ناقص پائروليسس پلانٽس مان نڪرندڙ دونهون ۽ زهريلا ڪيميڪل هوا، زمين ۽ پاڻي جي وسيلن کي سخت آلوده ڪري چڪا آهن، جنهن جي ڪري ڪراچي سميت صوبي ۾ ساهه، دل ۽ اعصابي بيمارين ۾ خطرناڪ اضافو ٿي رهيو آهي. سيپا جي رپورٽن موجب، ٽائر پائروليسس جهڙي خطرناڪ عمل جي ڪري ماحولياتي آلودگي جي صورتحال تمام گهڻي سنگين ٿي چڪي آهي ۽ شهرين جي صحت سڌي طرح خطري ۾ آهي. تنهن ڪري، عوامي مفاد ۾، سنڌ حڪومت ماڻهن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ فوري طور تي هي قدم کنيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي ماحوليات بابت صلاحڪار دوست محمد راهمون هن فيصلي کي تاريخي ۽ عوام دوست قرار ڏيندي چيو ته حڪومت ڪنهن به صنعتي سرگرمي جي اجازت نٿي ڏئي سگهي جيڪا شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهي. اسان جو مقصد نه رڳو آلودگي کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي پر هڪ پائيدار ۽ صحتمند ماحولياتي نظام قائم ڪرڻ پڻ آهي جتي ايندڙ نسلون به محفوظ طريقي سان رهي سگهن. وڏي وزير جي صلاحڪار دوست محمد راهمون هدايتون جاري ڪيون ته سڀئي لاڳاپيل ادارا پابندي تي فوري طور تي عمل درآمد کي يقيني بڻائين ۽ 30 ڏينهن جي عرصي کان پوءِ ڪا به نرمي نه ڏيکاري وڃي. ٽائر آئل، غير معياري ايندھن ۽ غير محفوظ ايندھن جي استعمال، تيار ڪرڻ ۽ وڪري تي پڻ مڪمل پابندي هوندي، جڏهن ته سنڌ صوبي کي آلودگي جي عفريت کان نجات ڏيارڻ لاءِ سڀني صنعتي يونٽن لاءِ جديد لائسنسنگ سسٽم، ماحولياتي ڪنٽرول سسٽم ۽ سخت اخراج جي حد مقرر ڪئي ويندي.







