ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين تي اي-چالان خلاف داخل درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 25 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين بابت اي-چالان خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي لڳايل ڏنڊ حد کان وڌيڪ ۽ غير منصفاڻا آهن. ملڪ جي ٻين حصن، خاص طور تي لاهور ۾، جنهن ڀڃڪڙي تي ڏنڊ 200 رپيا آهي، ان ئي خلاف ورزي تي ڪراچي ۾ 5 هزار رپيا ڏنڊ لڳايو پيو وڃي. وڪيل چيو ته حڪومت سنڌ جولاءِ 2025 کان ملازمن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 40 هزار رپيا مقرر ڪئي آهي، جيڪا روزمره خرچ، يوٽيلٽي بلز، ٻارن جي تعليم ۽ ٻين ضرورتن لاءِ به ڪافي ناهي. وڪيل وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ قانونن جي سڌارن کي صوبي جي ٻين وڏن شهرن ۾ لاڳو نه ڪيو ويو آهي، عدالت لاڳو ڪيل ڏنڊن جي عمل کي فوري طور تي معطل ڪري . درخواست ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ ڊائريڪٽر جنرل نادرا کي ڌريون بڻايو ويو آهي. ياد رهي ته 27 آڪٽوبر تي وزيراعليٰ سنڌ سينٽرل پوليس آفيس (CPO) ۾ ٽريفڪ ريگيوليشن اينڊ سائٽيشن سسٽم (TRACS) جو افتتاح ڪيو هو، جنهن کي عام طور تي اي-چالان سسٽم چيو وڃي ٿو. هن وضاحت ڪئي هئي ته نئون نظام پراڻي هٿرادو چالان جي جاءِ تي مڪمل خودڪار اي-ٽڪيٽنگ ميڪانيزم آهي، جيڪو جديد مصنوعي ذهانت (AI) سان ڳنڍيل سي سي ٽي وي ڪئميرا ذريعي ڀڃڪڙين کي پاڻمرادو سڃاڻي ٿو، جن ۾ تيز رفتاري، سگنل ٽوڙڻ ۽ هييلمٽ نه پائڻ شامل آهن. پوليس جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب اڄ تائين 26,609 چالان ڪيا ويا آهن: سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي 17,639، هييلمٽ نه پائڻ تي 6,362، اوور اسپيڊنگ تي 1,967، سگنل ٽوڙڻ تي 1,655 چالان ڪيا ويا. ان کان سواءِ، گاڏي هلائيندي موبايل فون استعمال ڪرڻ تي 943، ڪارا شيشا لڳائڻ تي 298، نو پارڪنگ تي 165، غلط رخ ۾ گاڏي هلائڻ تي 162، ون-وي تي ابتو هلڻ تي 44 اي-چالان ڪيا ويا. پوليس موجب، گاڏي جي ڇت تي مسافر ويهارڻ تي 152، اسٽاپ لائين جي ڀڃڪڙي تي 91، لين لائين جي ڀڃڪڙي تي 65، غلط لوڊنگ تي 44 ۽ وڌيڪ وزن کڻڻ تي 37 اي-چالان ڪيا ويا. هيستائين ڪنهن به شخص کي فئنسي نمبر پليٽ، اوچتو لين مٽائڻ يا وقت تي ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي چالان نه ڪيو ويو.







