سنڌ سرڪار سامونڊي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي : مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار سامونڊي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي، سامونڊي صنعت جي ترقي سان سنڌ ۽ پاڪستان کي وسيع فائدا حاصل ٿيندا. وڏي وزير مراد علي شاهه پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.مراد علي شاهه چيو ته ميري ٽائم ايڪسپو ملڪي معيشيت ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ انتهائي اهميت جوڳو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي شهر لاءِ پي آءِ ايم اِي سي هڪ وڏو موقعو آهي، جنهن سان شهر جي ترقي ۾ مدد ملندي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سامونڊي صنعت جي ترقي سان سنڌ ۽ پاڪستان کي وسيع فائدا حاصل ٿيندا، پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي سامونڊي ڪاروباري اڳواڻ شريڪ آهن. مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس ذريعي سيڙپڪاري جا نوان دروازا کلندا. هن چيو ته سنڌ سرڪار سامونڊي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي، يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن سان سامونڊي رابطا مضبوط ٿيندا.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ