تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي گادي واري شهر تهران کي پاڻي فراهم ڪندڙ ڊيم ۾ رڳو ٻن هفتن جو پاڻي بچيو آهي، جڏهنته اختيارين ان کي تاريخي خشڪ سالي قرار ڏنو آهي. عالمي خابرو اداري اي ايف پي (AFP) جي رپورٽ موجب، تهران واٽر ڪمپني جي ڊائريڪٽر بهزاد پارسا سرڪاري خبر ايجنسي ارنا (IRNA) سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته امير ڪبير ڊيم، جيڪو گاديءَ جي رهواسين لاءِ پيئڻ جي پاڻي فراهم ڪندڙ پنج وڏن ذريعن مان هڪ آهي، هن وقت ان ۾ صرف 1.4 ڪروڙ مُڪعب ميٽر پاڻي رهجي ويو آهي، جيڪو ان جي ڪل گنجائش جو صرف 8 سيڪڙو آهي. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ اهو ڊيم وڌ ۾ وڌ ٻه هفتن تائين ئي تهران کي پاڻي فراهم ڪري سگهي ٿو. هڪ ڪروڙ کان مٿي آبادي واروهي شهر البرز جبلن جي ڏکڻ دامن ۾ واقع آهي، جن جي بلندي 5,600 ميٽر تائين آهي ۽ انهن مان نڪرندڙ درياهه مختلف آبي ذخيرا ڀرين ٿا. بهرحال، ايران هن وقت ڪيترن ئي ڏهاڪن جي بدترين خشڪ سالي جو شڪار آهي. گذريل مهيني هڪ مقامي عملدار چيو هو ته تهران ۾ برسات جي سطح گذريل 100 سالن ۾ سڀ کان گهٽ رهي آهي. بهزاد پارسا ٻڌايو ته هڪ سال اڳ امير ڪبير ڊيم ۾ 8.6 ڪروڙ مُڪعب ميٽر پاڻي موجود هو، پر هن سال تهران جي علائقي ۾ برسات ۾ 100 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. هن ٻين آبي ذخيرن جي حالت بابت ڪو تفصيل نه ڏنو، پر ايراني ميڊيا موجب، تهران جا شهري روزانو لڳ ڀڳ 30 لک مُڪعب ميٽر پاڻي استعمال ڪن ٿا. پاڻي بچائڻ لاءِ، تازن ڏينهن ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي عارضي طور بند ڪئي وئي آهي، جڏهنته اونهاري ۾ به بار بار پاڻي جي کوٽ جو سلسلو جاري رهيو هو. جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پاڻي ۽ توانائي بچائڻ لاءِ ٻه عام موڪلون ڏنيون ويون، جڏهنته سخت گرمي سبب بجليءَ جي بندش تقريباً روزانو جو معمول بڻجي وئي هئي. ايراني صدر مسعود پزشڪيان ان وقت خبردار ڪيو هو ته: “پاڻيءَ جو بحران اهو تمام گهڻو وڌيڪ سنجيده آهي، جيترو اڄ ان تي ڳالهايو پيو وڃي.” ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايران افغانستان مان گذرندڙ هلمند درياهه مان ايران جي حصي کان گهٽ پاڻي ملڻ جي شڪايت به ڪئي هئي.







