افغانستان ۾ 6.3 شدت جو زلزلو، ماڻهن ۾ خوف

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي هندوڪش علائقي ۾ 6.3 شدت جو زلزلو محسوس ڪيو ويو آهي، جرمن جيو فزيڪل ريسرچ سينٽر موجب افغانستان ۾ زلزلي جي کوٽائي 10 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، افغانستان جي مختلف حصن ۾ زلزلا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي ڪري ماڻهو سخت خوف ۽ هراس ۾ مبتلا هئا ۽ ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. اڃا تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي ڪا به رپورٽ نه ملي آهي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ