تهران(ويب ڊيسڪ) ايران پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تازين ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ثالثي جي آڇ ڪئي آهي، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تازين ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي ۽ هر ملڪ جي علائقائي سالميت ۽ قومي خودمختياري جو احترام ضروري آهي، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان کي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ فوري طور تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ۽ ايران پاڙيسرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ايران کان اڳ سعودي عرب ۽ قطر پڻ پاڪ-افغان ڇڪتاڻ ۽ جهڙپن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو، صبر ۽ ڳالهين ذريعي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوششن جو مطالبو ڪيو هو.