پاڪ فوج طرفان افغان فورسز جي بنا جواز جارحيت جو مؤثر ۽ ڀرپور جواب، 21 چيڪ پوسٽن تي قبضو، 200 خارجي مارجي ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪ فوج طرفان پاڪ-افغان سرحد تي افغان فورسز جي بنا جواز جارحيت جو مؤثر ۽ ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي. ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ ۾ سيڪيورٽي ذريعن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته پاڪ فوج انتهائي درستگي سان افغان چوڪين کي نشانو بڻايو آهي ۽ انهن چوڪين مان، جتان پاڪستان تي حملا ڪيا پئي ويا، پاڪستاني فورسز افغان سرحد تي 21 چوڪيون عارضي قبضي ۾ وٺي ڇڏيون آهن. اهي چوڪيون سنڀاليندڙ افغان طالبان يا ته مارجي ويا آهن يا ڇڏي ڀڄي ويا آهن. هي پاڪ فوج جي لاءِ افغان فورسز خلاف هڪ وڏو ڪامياب آپريشن قرار ڏنو پيو وڃي. پاڪ فوج دراني ڪيمپ، منوجبه ڪيمپ، بٽالين هيڊڪوارٽر، منوجبه ڪيمپ–2، ۽ نوشڪي سيڪٽر ۾ غزنالي هيڊڪوارٽر تي به ڪامياب حملا ڪري انهن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. انهن ڪيمپن ۽ هيڊڪوارٽرن ۾ موجود درجنين طالبان فوجي ۽ خارجي به مارجي ويا آهن. پاڪ فوج زوب سيڪٽر ۾ به هڪ اهم افغان چوڪي تي قبضي بعد پاڪستاني جهنڊو لهرائي ڇڏيو آهي. حملي دوران چوڪي تي افغان طالبان جي هَموي بڪتر بند گاڏي کي به تباهه ڪيو آهي. ڪرّم جي سامهون جبلن جي چوٽيءَ تي افغان ٽينڪ جي هڪ پوزيشن کي به ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ افغان طالبان جا ڪيترائي ٽينڪ تباهه ٿي ويا. برابچه جي علائقي ۾ افغان طالبان جي ٻئي بٽالين هيڊڪوارٽر تي به حملو ڪيو ويو، جتان خوارج ۽ فتنه الهنـدستان جا دهشتگرد پاڪستان ۾ داخل ڪيا ويندا هئا. انهن حملن ۾ افغان طالبان ۽ خوارج کي گهڻو جاني ۽ مالي نقصان پهتو آهي. پاڪستاني سيڪورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته ڇنڇر تي رات کان خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ طالبان ۽ داعش پاڪستاني چيڪ پوسٽن تي حملا شروع ڪيا هئا، بلوچستان ۾ پشين ۽ زوب وٽان افغاني دهشتگردن پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ناڪام بڻائي وئي. چاغي ۾ بهرام چاهه جي چيڪ پوسٽ تي به حملو ڪيو ويو، جنهن جو بروقت جواب ڏئي دشمن کي وڏو نقصان پهچائي خاموش ڪرايو ويو. ايران جي پرڏيهي وزير ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ پاڪستان ۽ افغانستان تي زور ڀريو آهي ته هو تحمل جو مظاهرو ڪن. سعودي عرب جنهن سان تازو پاڪستان دفاعي معاهدو ڪيو آهي، تنهن پڻ ڌرين تي تحمل جو مظاهري لاءِ زور ڀريو آهي. قطر جي پرڏيهي وزارت جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان ۽ افغانستان تي ڳالهيون شروع ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. ياد رهي ته هي جهڙپون اهڙي وقت تي شروع ٿيون آهن، جڏهن افغانستان جو پرڏيهي وزير امير خان متقي هڪ هفتي جي دوري تي ڀارت پهتل آهي. ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر ڪابل ۾ پنهنجي سفارتي مشن جو درجو سفارتخاني تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻئي پاسي رائٽر نيوز ايجنسي ۽ اي پي پنهنجي ڌار ڌار جاري ڪيل رپورٽس ۾ افغانستان جي دفاع واري وزارت جي حوالي سان دعوا ڪئي آهي ته افغان فورسز جي حملن ۾ 58 پاڪستاني فوجي مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي آهن، جڏهن ته افغانستاني جي وزارت دفاع 20 افغان فوجين جي مارجڻ جي به تصديق ڪئي آهي. هنن پاڪستان جي 25 چيڪ پوسٽن تي قبضي جي به دعوا ڪئي آهي. ٻنهي نيوز ايجنسين جو چوڻ آهي ته پاڪستان پنهنجي جاني يا مالي نقصان جا انگ اکر نه ڏنا آهن ٻنهي ڌرين جي دعوائن جي آزادانه تصديق نه ٿي آهي. هوڏانهن  پاڪ افغان سرحد تي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي پاڪ فوج افغانستان جي ڪيترين ئي سرحدي پوسٽن تي قبضو ڪندي اتي پاڪستان جو قومي جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب اها ڪارروائي انگور اڊه سيڪٽر ۾ رات دير سان شروع ڪئي وئي پاڪستاني فورسز ڳرن هٿيارن سان جارحانه انداز ۾ ڪارروايون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ افغان فورسز جون ڪيتريون ئي پوسٽون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون جڏهن ته افغان اهلڪار پوسٽون ڇڏي فرار ٿي ويا. پاڪ فوج افغانستان جي 19 چيڪ پوسٽن تي قبضو ڪري ورتو جتان کان پاڪستان جي خلاف حملي ڪيا ويندا هئا. پاڪ فوج جي  اڳڀرائي ڏسندي افغان فوجي پنهنجون پوزيشنون ڇڏي پوئتي هٽي ويا، جنهن کان پوءِ پاڪستاني اهلڪارن انهي تي قومي جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو. رپورٽن موجب سيڪٽر جون مختلف پوسٽون هاڻ پاڪستان جي ڪنٽرول ۾ اچي چڪيون آهن ۽ پاڪ فوج جي اڳڀرائي جاري آهي.

آءِ ايس پي آر جو بيان

پاڪستان فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) موجب قوم جي بهادر پٽن افغان طالبان جي پاڪستان تي بي سبب حملي جو موثر جواب ڏنو آهي، جوابي ڪارروائي ۾ 200 کان وڌيڪ افغان طالبان ۽ خارجي مارجي ويا، فائرنگ جي تبادلي ۾ پاڪستاني فوج جا 23 جوان شهيد ۽ 29 زخمي ٿيا، آءِ ايس پي آر موجب، 11 ۽ 12 آڪٽوبر جي وچ واري رات افغان طالبان ۽ هندستان جي سرپرستي ۾ قائم فتنه  الخوارج پاران پاڪ-افغان سرحد تي بي سبب حملو ڪيو ويو،پاڪستاني فوج دشمن کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان پهچايو، پاڪ-افغان سرحد تي پاڪستان تي بي سبب حملي کان پوءِ  پاڪ فوج سرحد تي بزدلانه حملي جو مناسب جواب ڏنو، قابل اعتماد معلومات موجب 200 کان وڌيڪ افغان طالبان ۽ پرڏيهي مارجي ويا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وطن جي دفاع جو جذبو اٽل آهي، اهو حملو افغان طالبان ۽ هندستان جي سرپرستي ۾ قائم فتنه الخوارج پاران بنا ڪنهن اشتعال جي ڪيو ويو، ڀارت خطي جو وڏو دهشتگردن جو سهولتڪار آهي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ