مقابلي ۾ ڪرنل ۽ ميجر سميت 11 شهيد، 19 ڀارت نواز دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي فورسز اورڪزئي ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو، مقابلي ۾ هڪ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ هڪ سيڪنڊ ان ڪمانڊ ميجر سميت 11 فوجي شهيد ٿيا، پاڪستاني فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن 7 ۽ 8 آڪٽوبر جي رات ڪيو ويو، آپريشن دوران 11 بهادر فوجي شهيد ٿيا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن هندستاني پراڪسي فتنا الخارجين جي لڪيل جاءِ تي ڪيو ويو، سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪارروائي ۾ 19 هندستاني خارجي مارجي ويا، پاڪستاني فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب فائرنگ جي تبادلي ۾ هڪ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ هڪ سيڪنڊ ان ڪمانڊ ميجر سميت 11 فوجي شهيد ٿيا، پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد عارف فرنٽ کان ٽيم جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، سيڪنڊ ان ڪمانڊ ميجر طيب راحت به شهادت جو حلف کنيو، شهيد ٿيندڙ ٻين 9 سپاهين ۾ نائب صوبيدار اعظم گل، نائڪ عديل حسين، نائڪ گل عامر شامل آهن، ان کان علاوه لانس نائڪ شير خان، لانس نائڪ طالش فراز، لانس نائڪ ارشاد حسين، سپاهي طفيل خان، سپاهي عاقب علي ۽ سپاهي محمد زاهد پڻ شهادت جو حلف کنيو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اورڪزئي علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، پاڪستاني فورسز هندستان جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، شهيدن جون قربانيون دهشتگردي خلاف عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ