گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي ” هاڻي مهلت نه ڏينداسين“، غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو پنجاب حڪومت جو انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري ”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

موجوده ايٽمي هٿيار دنيا کي 100 ڀيرا تباهه ڪري سگهن ٿا: آمريڪي صدر

واشنگٽن- آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روس ۽ چين سان ايٽمي هٿيارن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ چاهيون ٿا. اميد آهي ته آخرڪار ٽيئي ملڪ پنهنجي وڏي دفاعي بجيٽ کي اڌ تائين گهٽ ڪرڻ تي راضي ٿي ويندا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق پنهنجي آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي ايٽمي دفاع تي سوين بلين ڊالر خرچ ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو پنهنجي خرچن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ آمريڪي مخالفن سان واعدو ڪرڻ جي اميد رکي ٿو. هن جو چوڻ هو ته اسان وٽ اڳ ئي تمام گهڻا ايٽمي هٿيار آهن جن سان اسان دنيا کي 50 نه پر 100 ڀيرا کان به وڌيڪ تباهه ڪري سگهون ٿا. ان باوجود اسان نوان ايٽمي هٿيار بڻائي رهيا آهيون ۽ روس ۽ چين به ائين ڪري رهيا آهن. آمريڪي صدر چيو ته اسان وٽ نوان ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جو ڪو جواز ناهي، نَوان ايٽمي هٿيار ٺاهڻ تي اسان سڀ تمام گهڻو پئسو خرچ ڪري رهيا آهيون جيڪي اسان ٻين اهڙين شين تي خرچ ڪري سگهون ٿا جن تي حقيقت ۾ خرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آمريڪا ۽ روس وٽ سرد جنگ کانپوءِ ايٽمي هٿيارن جا وڏا ذخيرا موجود آهن. 5 ۽ 6 سالن ۾ چين به اسان جي سطح تي اچي ويندو، جيڪڏهن ڪڏهن ايٽمي هٿيارن جي استعمال جو موقعو پيدا ٿيو ته شايد اسان زندهه نه بچي سگهون. صدر چيو ته هو وچ اوڀر ۽ يوڪرين جي مسئلن کي حل ڪرڻ کانپوءِ چين ۽ روس ٻنهي سان ايٽمي ڳالهين ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ٻنهي کي فوجي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪرڻ جي تجويز ڏيندو. اميد آهي ته اسان گڏجي اهو ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ