گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي ” هاڻي مهلت نه ڏينداسين“، غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو پنجاب حڪومت جو انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري ”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

سعودي ولي عهد سان امريڪي پرڏيهي وزير جي ملاقات

رياض (م ڊ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان امريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي ملاقات ٿي جنهن ۾ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعودي ميڊيا موجب، سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان امريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو رياض ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ غزه جنگبندي معاهدي ۽ فلسطين مسئلي تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن ته روس يوڪرين جنگ روڪڻ جي باري ۾ به ڳالهيون ڪيون ويون. امريڪي پرڏيهي کاتي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ اهڙي انتظام جي اهميت تي ڳالهه ڪئي جيڪا علائقائي سلامتي ۾ مددگار ثابت ٿئي.
 

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ