گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي ” هاڻي مهلت نه ڏينداسين“، غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو پنجاب حڪومت جو انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري ”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

 فائرنگ ۾ زخمي ٿيل سنجي ڪمار فوت، لاڙڪاڻي ۾ واپارين پاران شٽربند ھڙتال، ڌرڻو

لاڙڪاڻو:(رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل اقليتي نوجوان ڪراچي ۾ فوت ٿي ويو آهي۔ سنجي ڪمار کي  ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻه مان ايئر ايمبولينس ذريعي نازڪ حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو، جيڪو اڄ فوت ٿي ويو آهي۔ جڏهن ته لاڙڪاڻه جي سول سوسائٽي ۽ واپارين واقعي ۽ بدامني خلاف شٽر بند هڙتال ڪري جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو آهي۔ شهر جي ريشم گهٽي، سرِيا پاڌر، شاهي بازار ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز بازارون مڪمل طور بند آهن۔ ڌرڻي ۾ شامل مظاهرين جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ، هڪ ئي رات ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ گوليون لڳڻ سبب سنجي ڪمار ۽ رونق آهوجا زخمي ٿي پيا هئا، جن مان سنجي ڪمار فوت ٿي ويو آهي، پر اڃا تائين نه ته واقعي جو ڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي پوليس ڪنهن کي گرفتار ڪيو آهي۔ شهر ۾ هر روز ٿيندڙ ڦرن ۽ ڏوهاري وارداتن شهرين کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ صورتحال اڳ کان وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي۔ شهرين مطالبو ڪيو آهي ته وڌندڙ بدامني کي ختم ڪيو وڃي ۽ سنجي ڪمار جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي۔ ٻئي طرف، ايس ايس پي لاڙڪاڻه احمد فيصل چوڌري جو چوڻ آهي ته جلد واقعي ۾ ملوث جوابدار قانون جي گرفت ۾ هوندا ۽ پوليس جي ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي جاري آهي.
 

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ