گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشو نظاماڻي جي اسٽاف پاران اسڪول ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي کي رٽائرمينٽ تي پروقار الوادعي تقريب منعقد ڪئي وئي ” هاڻي مهلت نه ڏينداسين“، غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگيرن کي ترت نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ذوالفقار شاهه جو گورنر هائوس جي نگراني ۾ قائم ليجنڊ ٽرسٽ مان ڪروڙين رپين جي گهوٻين جو الزام افغان طالبان حڪومت جي درخواست تي عارضي جنگ بندي ۾ واڌ ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردن کي ٽريننگ ڏئي رهيو، پاڪستان ڳالهين تي يقين رکي ٿو: پرڏيهي کاتو فتنه الخوارج جي جنگ بندي جو فائدو وٺندي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، 50 دهشتگرد ماريا ويا:سيڪيورٽي ذريعا وفاقي ڪابينا اجلاس: پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا، دهشتگردي کي پاڙئون پَٽڻ جو عزم ورجايو ويو پنجاب حڪومت جو انتهاپسند جماعت تي پابندي لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو اسان جو ڪنهن ٻئي صوبي سان نه دنيا سان مقابلو آهي، جنهن ۾ نمبر ون آهيون: بلاول ڀٽو زرداري ”جنريشن زي“ جي بغاوت سان هڪ ٻي حڪومت جو تختو اونڌو، مدغاسڪر جو صدر ملڪ ڇڏي فرار

51 ايف آءِ اي آفيسر انساني سمگلنگ ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي جا آفيسر انساني سمگلنگ ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪيا ويا، رپورٽ موجب گذريل ٽن سالن ۾ 51 آفيسر انساني سمگلرن سان رابطو رکڻ تي برطرف ڪيا ويا آهن.
گهرو وزارت جي رپورٽ موجب سال 2022 ۾ 6 آفيسرن کي نوڪري تان لاٿو ويو، جڏهن ته 2023 ۾ وڌيڪ 4 آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو، 2024 ۾ سڀ کان وڌيڪ 41 آفيسرن کي نوڪرين تان هٽايو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن آفيسرن تي غير قانوني طور ماڻهن کي ٻاهرئين ملڪ موڪلڻ ۽ انساني سمگلنگ جي نيٽ ورڪس سان سهڪار جا الزام هئا.
اختيارين موجب انساني سمگلنگ خلاف سخت ڪارروائي جاري رهندي ۽ اهڙن عنصرن خلاف وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ