ڳالهيون نه ڪنداسين، حملا جاري رهندا، مارجي ويل آمريڪي فوجين جا فوٽو جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بحرين تي ايران حملو ڪيو آهي، بحرين جي پرڏيهي وزير گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته ايران خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ڇو ته هو سويلين علائقن کي ٽارگيٽ ڪري رهيو آهي. سريلنڪا لڳ هڪ ايراني سامونڊي جهاز تي آبدوز سان حملو ڪيو ويو آهي، رائٽرز موجب اهو جنگي ايراني جهاز آهي، جيڪو هاڻي ٻڏي ويو آهي، جهاز ۾ سوار 101 ماڻهو لاپتا آهن، سريلنڪا جي فارين منسٽر پارليامينٽ ۾ ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته 79 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي جن مان 32 زخمي آهن، هڪ زخمي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. گمان آهي ته 101 ماڻهو اڃا لاپتا آهن. ايران جي اوڀارين علائقن ۾ وڏو ڌماڪو ٻڌو ويو آهي. اسرائيلي چتاءَ بعد شام پنهنجي لبنان سان سرحد بند ڪري ڇڏي آهي. اسرائيل جي مختلف شهرن ۾ جنگي خطرن سبب سائرن وڄڻ لڳا، ايران هرمز لنگهه ۾ مختلف جهازن تي حملن جي دعوا ڪئي آهي. شهيد ٿيل سپريم ليڊر جي ويجهي ساٿي محمد مخبر چيو آهي ته ايران، آمريڪا سان ڳالهيون نه ڪندو ڇو ته مٿس ڀروسو ناهي رهيو. اي ايف پي موجب هن رياستي ٽي ويو سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته ايران جنگ جاري رکندو. ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جنگ جو پنجون ڏينهن آهي،ايران، اسرائي ۽ آمريڪي اڏن تي ميزائيلن ۽ ڊرونز سان وري حملو ڪيو آهي. ايران تي اسرائيل ۽ آمريڪا جا حملا به جاري آهن. ايران ۾ فوتين جو انگ 800 کان وڌي ويو آهي، لبنان تي اسرائيلي حملن م فوتين جو انگ 12 ٿي ويو آهي. رائٽرز موجب اسرائيل جي دفاع واري وزير اعلان ڪيو آهي ايران جو جيڪو نئون سپريم ليڊر مقرر ٿيندو ان کي به مارينداسين. اربع تي لبنان تي اسرائيلي حملي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن.  صدر ترمپ چيو آهي ته ايران جون فوجي تنصيبات تباهه ڪري ڇڏيون آهن. ڌرين جا هڪٻئي تي حملا جاري آهن. گذريل رات ايران دبئي ۾ آمريڪي قونصليٽ تي حملو ڪيو آهي جنهن بعد عمارت ۾ باهه جا شعلا ڀڙڪي پيا. عرب نيوز جي دعوا آهي ته ان م ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو ۽ باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. امريڪا ڪويت جي پورٽ شعيبه ۾ ڊرون حملي ۾ 4 آمريڪي ريزرو فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ هن وقت تائين آمريڪا جا ڪل 6 فوجي مارجي ويا آهن.

سمورا حق ۽ واسطا محفوظ. سنڌيانا نيوز نيٽ ورڪ